پنج پير

پنج پير: ضلعي ۽ تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ جو نالو، جنهن کي عرف عام ۾ ”پنج پير“ چوندا آهن. اصل ۾ اهو اصطلاح ”پنج پير“ ڪن نامعلوم درويشن جي آستاني لاءِ ڪم آڻيندا آهن. گهڻو ڪري اهو عقيدو ڪن به ”پنجن“ متبرڪ شخصيتن لاءِ سڀني فرقن- هندو توڙي مسلمانن ۾ رائج آهي. يقين سان چئي نٿو سگهجي ته پنجن پيرن ۾ ڪهڙا بزرگ شامل آهن. هر علائقي ۾ ”پيرن“ جا جدا جدا نالا کنيا وڃن ٿا، صوبي سرحد ۾ يوسف زئي قبيلي واري علائقي ۾ هڪ جبل آهي، جتيپنج پير“ جي زيارت آهي. ضلعي هزاره ۾ هڪ تڪيوپنج پير“ جي نالي سان موجود آهي.


لفظ پنج پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو